قومي يڪجهتي، سياسي استحڪام ۽ معاشي سڌارا پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهن: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مؤثر قانونسازي، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته قومي يڪجهتي، سياسي استحڪام ۽ معاشي سڌارا پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب جاز ورلڊ جي سربراهه ظهير مهدي طرفان سينيٽ چيئرمين ۽ ناڻي واري …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مؤثر قانونسازي، جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ پارليامينٽ جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته قومي يڪجهتي، سياسي استحڪام ۽ معاشي سڌارا پاڪستان جي پائيدار ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهن. اهڙو اظهار هن هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب جاز ورلڊ جي سربراهه ظهير مهدي طرفان سينيٽ چيئرمين ۽ ناڻي واري وفاقي وزير جي مانَ ۾ ڊنر جي دعوت ڏني وئي، جنهن ۾ ڪاروباري، مالياتي ۽ سماجي شعبن جي ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي. دعوت دوران ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، ڊجيٽل معيشت، زرعي ترقي، نوجوانن جي روزگار ۽ قومي ترقيءَ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جدت تي ٻَڌل معيشت جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، آسان مالي سهولتن ۽ آبادگار دوست پاليسين کي هٿي ڏيڻ ضرورت آهي جنهن سان زرعي پيداوار ۽ قومي معيشت ٻئي مضبوط ٿيندا. شرڪت ڪندڙن سينيٽ چيئرمين جي قيادت ۽ جمهوري خدمتن کي ساراهيندي پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحاليءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.