غذائي جنسن جي قومي آمدني واپار ۾ گذريل سال دوران 11.65 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي: پي بي ايس

اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) غذائي جنسن جي قومي آمدني واپار ۾ گذريل مالي سال دوران 11.65 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي . پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري (پي بي ايس) مطابق گذريل مالي سال 26-2025ع ۾ غذائي جنسن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 9.150 ڊالرن تائين وڌي ويو جڏهن ته مالي سال 25-2024ع دوران آمدني واپار جي ماليت 8.195 ارب ڊالرز رهي هئي. اهڙي طرح …

اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) غذائي جنسن جي قومي آمدني واپار ۾ گذريل مالي سال دوران 11.65 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي . پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري (پي بي ايس) مطابق گذريل مالي سال 26-2025ع ۾ غذائي جنسن جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 9.150 ڊالرن تائين وڌي ويو جڏهن ته مالي سال 25-2024ع دوران آمدني واپار جي ماليت 8.195 ارب ڊالرز رهي هئي. اهڙي طرح گذريل مالي سال دوران غذائي جنسن جي ملڪي آمدني واپار ۾ 0.995 ارب ڊالرز يعني 11.65 سيڪڙو جي برتري رڪارڊ ڪئي وئي آهي.  رپورٽ مطابق ملڪي آمدني واپار ۾ پام آئل جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو سڀ کان وڌيڪ رهيو جنهن بعد دالين، چانهه ۽ سويابين جو آمدني واپار وڌيڪ رهيو . انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال دوران پام آئل جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 11.54 سيڪڙو جي اضافي سان 3.395 ارب ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 3.785 ارب ڊالرز تائين پهچي ويو. ٻئي پاسي پام آئل جي آمدني واپار ۾ 8.36 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي ۽ آمدني واپار جو ڳاڻيٽو مالي سال 2025ع جي 3.214 ملين ٽن ۽ آمدني واپار جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال 2026ع دوران 3.482 ملين ٽن تائين واڌ ٿي. رپورٽ مطابق گذريل مالي سال دوران دالين جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 832.038 ملين ڊالرز رهيو جڏهن ته سويابين آئل جو آمدني واپار 108.683 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. ٻين غذائي جنسن جو آمدني واپار  31.62 سيڪڙو جي اضافي سان 3.011 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو آهي.