ريلوي پوليس جي فلاح بهبود کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو: محمد حنيف عباسي

لاهور-16 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ريلوي کي ميرٽ، شفافيت، جديد رُخن تي اختيار ڪرڻ ۽ سيڪيورٽيءَ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته پاڪستان ريلوي پوليس قومي اثاثن، ريلوي انفراسٽرڪچر ۽ مسافرن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. خميس ڏينهن پاڪستان ريلوي پوليس جي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي …

لاهور-16 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ريلوي کي ميرٽ، شفافيت، جديد رُخن تي اختيار ڪرڻ ۽ سيڪيورٽيءَ جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته پاڪستان ريلوي پوليس قومي اثاثن، ريلوي انفراسٽرڪچر ۽ مسافرن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. خميس ڏينهن پاڪستان ريلوي پوليس جي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سندن قربانين عيوض ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ريلوي صرف ٽرانسپورٽ ادارو ناهي پر قومي يڪجهتي ۽ معاشي ترقيءَ جي علامت آهي جيڪو روزانو لکين مسافرن ۽ وڏي مقدار ۾ بال برداري جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. وفاقي وزير پاڪستان ريلوي جي آءِ جي پوليس جي قيادت ۾ فورس جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ريلوي پوليس عوامي خدمت، مسافرن جي سهولت، ريلوي ملڪيتن جي تحفظ ۽ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندڙن جي روڪٿام جي حوالي سان نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته هاڻوڪي ڀرتين جو عمل ميرٽ تي انجام ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي سفارش يا دٻاءُ کي برداشت نه ڪيو ويو. هن پاس آئوٽ ٿيندڙ ريڪروٽس ۽ سندن والدين کي مبارڪون ڏيندي چيو ته نوجوان اهلڪار پنهنجي پيشيوراڻيءَ زندگيءَ ۾ ديانتداري، نظم و ضبط، انصاف ۽ عوامي خدمتن کي مقصد بڻائينداسي. مسافرن سان خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندا، بنا فرق جي قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائيندا ۽ پنهنجا فرض پوريءَ ذميداريءَ سان ادا ڪندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي گذريل مالي سال دوران 115 ارب رپين جي رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي، جيڪو ان کان اڳ 88 ارب رپيا هئي.