اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) کي وڏي اڪثريت ملڻ جي اميد آهي، مانسهره، مظفر آباد، ميرپور ايڪسپريس وي منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. خميس ڏينهن سهنسه ۾ (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڀني کي شامل …
آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن ۾ (ن) ليگ کي وڏي اڪثريت ملڻ جي اميد آهي: امير مقام
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) کي وڏي اڪثريت ملڻ جي اميد آهي، مانسهره، مظفر آباد، ميرپور ايڪسپريس وي منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. خميس ڏينهن سهنسه ۾ (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪندڙن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڀني کي شامل ٿيڻ تي پارٽي قيادت طرفان مبارڪون پيش ڪريان ٿو. اوهان جو پيار ۽ محبت اسان لاءِ اعزاز آهي، اوهان کي مايوس نه ڪنداسين، چونڊن کانپوءِ به اوهان کان گڏ رهنداسين. هن چيو ته ڪشميرين جو نواز شريف سان محبت ۽ (ن) ليگ تي اعتماد مان واضح ٿئي ٿو ته ماڻهو ماضيءَ جي (ن) ليگ جي ڪارڪردگي مان خوش آهن ۽ مستقبل ۾ (ن) ليگ سان ئي اميدون رکن ٿا، ان لاءِ ماڻهو وڏي انگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ مستقبل (ن) ليگ جو آهي ۽ ان جي حڪومت ٺهندي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ (ن) ليگ کي وڏي اڪثريت ملڻ جي اميد آهي. شهباز شريف جي دؤر ۾ ڪڻڪ جي سبسڊي ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي. شهباز شريف آزاد ڪشمير جي عوام کي 23 ارب رپيا ڏنا، بنا مطالبن جي هر ڊويزن ۾ هڪ هڪ دانش اسڪول ڏنو، هڪ اسڪول تي 4 ارب رپيا لاڳت اچي رهي آهي، ماڻهن کي اهو چيو ويو آهي ته اها سبسڊي ۽ رعايت ختم ڪئي پئي وڃي، ان لاءِ اسان سان نڪرو پر اهڙو ڪجهه به ناهي، هي سبسڊي جاري رهندي ۽ رعاتون جاري رهنديون.











