اسلام آباد- 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي ٽن سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب صدر گڏيل قومن جي اسلاموفوبيا جي خاتمي بابت خصوصي نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس کي هلال پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ميمبر فضل حق عباسي جي …
صدر پاران وزيراعظم جي سفارش تي ٽن سمرين جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي سفارش تي ٽن سمرين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب صدر گڏيل قومن جي اسلاموفوبيا جي خاتمي بابت خصوصي نمائندي ميگوئل اينجل موراٽينوس کي هلال پاڪستان عطا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صدر لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ميمبر فضل حق عباسي جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي ۽ ظفر حسن کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.










