اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته ايندڙ 6 مهينن دوران 70 پاور پلانٽس، 43 نيون انجڻيون، نيون ۽ مرمت ٿيل مسافر بوگيون، به ريلوي جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي وينديون. ان بنيادي آپريشنل ضرورتن جو پورو ٿيڻ سان مسافر ۽ مال گاڏين جي آپريشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، عوام لاءِ سفري سهولتون جديد هونديون ۽ کاتي جي آمدني …
ايندڙ ڇهن مهينن دوران ريلوي ۾ 70 پاور پلانٽس،43 نيون انجڻيون ۽ بوگيون شامل ڪيون وينديون: ريلوي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي بابت وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي، ته ايندڙ 6 مهينن دوران 70 پاور پلانٽس، 43 نيون انجڻيون، نيون ۽ مرمت ٿيل مسافر بوگيون، به ريلوي جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي وينديون. ان بنيادي آپريشنل ضرورتن جو پورو ٿيڻ سان مسافر ۽ مال گاڏين جي آپريشن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، عوام لاءِ سفري سهولتون جديد هونديون ۽ کاتي جي آمدني ۾ نمايان اضافو ٿيندو. مقامي سطح تي سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ چئني صوبن جي حصيداري سان لوڪل ٽرينون هلائڻ جا معاهدا ڪيا پيا وڃن جنهن تحت 14 آگسٽ تي بلوچستان ۾ پيپلز ٽرين جو شاندار افتتاح ڪيو ويندو. کاتي ۾ وي آءِ پي ڪلچر جو هميشه لاءِ خاتمو ڪندي پاڻ سميت ريلوي اختيارين لاءِ سيلون، گيسٽ هائوسز جي ڪمرن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، سيلون ۽ گيسٽ هائوسز جون اهي سهولتون عام عوام مناسب ڪرائي تي حاصل ڪري سگهندو. ريلوي جي مجموعي آمدني 115 ارب روپين جي رڪارڊ سطح تائين پهچي وئي آهي. اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ان حقيقت جو اعتراف ڪيو ته گذريل 9 کان 10 سالن دوران ٽرينن جي انجڻن ۽ پاور پلانٽس جي مناسب مرمت ۽ سار سنڀال ناهي ڪئي وئي جڏهن ته موجوده انتظاميه ان چئلينج تي ضابطو آندو. هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح مسافر ٽرينن جي نظام کي بهتر ڪرڻ آهي جنهن لاءِ 30 سيپٽمبر تائين آمريڪي 43 جي يو 40 انجڻون سسٽم ۾ شامل ٿي وينديون جڏهن ته هر مهيني 9 نوان پاور پلانٽس به سسٽم جو حصو بڻجي رهيا آهن. ايندڙ 6 مهينن ۾ بوگين جي گهٽتائي جو مسئلو به مڪمل طور حل ڪيو ويندو جنهن سان ريلوي جو ڦيٿو پنهنجي پوري 100 سيڪڙو رفتار سان هلندو. ريلوي ۾ برابر ۽ عوامي سهولتن جي فراهمي تي زور ڀريندي محمد حنيف عباسي ٻڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ريلوي اندر مٿي جي سطح تائين وي آءِ پي ڪلچر جو مڪمل خاتمو ڪيو ويو آهي. منسٽر سيلون، چيئرمين سيلون، چيف ايگزيڪيوٽو سيلون ۽ آءِ جي ريلوي جي استعمال هيٺ سيلونز سميت وي وي آءِ پي موومينٽ لاءِ مخصوص ڪيل سمورين سيلونز تي پابندي لڳائي وئي آهي. هاڻي انهن لگزري سيلونز ۽ ريسٽ هائوسز جا وي آءِ پي ڪمرا عام عوام لاءِ رکيا ويا آهن جيڪي مناسب ڪرائي جي ادائگي کان پوءِ انهن سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. کاتي جي مالياتي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي مزودر کان وٺي آفيسرن تائين سڀني جي شاندار ٽيم ورڪ عيوض اسان ان محدود وسيلن، ٽريڪ ۽ پراڻي نظام سان کاتي جي آمدني کي 188 ارب جي هدف ڏانهن گامزن ڪندي في الحال 115 ارب روپين تائين پهچايو آهي. خاص ڪري مال گاڏين(فريٽ ٽرينز) جي شعبي ۾ انجڻن ۽ بوگين جي گهٽتائي باوجود 27 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. فريٽ سيڪٽر جي آمدني جيڪا اڳ ۾ 8 هزار ملين روپيا هئي، هاڻي اسان جي مسلسل ڪوششن سان ٻيڻي ٿي 16 هزار ملين تائين پهچي چڪي آهي ۽ ايندڙ سال ان ۾ وڌيڪ اضافي جو عزم آهي. ريلوي ايراضي تي قبضن جي حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي جو اعلان ڪندي هن واضح ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ ريلوي جي اربين روپين ماليت جي ايراضي مرحليوار ڇڏائي پئي وڃي. کاتي جي هڪ انچ زمين تي به ڪنهن کي ويهڻ جي اجازت نه هوندي. قبضي مان ڇڏايل سمورايون رهائشي، ڪمرشل ۽ زرعي زمينون هاڻي ريلوي پاڻ اوپن نيلامي ذريعي ليز تي ڏيندي. ان تسلسل ۾ ايندڙ هفتي پشاور ڊويزن جي اختيارين کي طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن اتي خالي ڪرايل ايراضي تي ڪمرشل پلانز کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. مقامي ٽرانسپورٽ جي حوالي سان صوبن سان ٿيندڙ معاهدن جا تفصيل ٻڌائيندي وفاقي وزير چيو ته خيبر پختونخوا جي صوبائي ڪابينه 3 روٽس تي لوڪل ٽرين هلائڻ جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تي ريلوي وزارت وفاقي ڪابينه مان حتمي منظوري وٺڻ کان پوءِ جلد عملدرآمد طرف ويندي. اهڙي طرح پنجاب حڪومت 8 ۽ سنڌ حڪومت 3 روٽس تي لوڪل ٽرين هلائڻ پئي وڃي. جڏهن ته 14 آگسٽ تي بلوچستان ۾ شروع ٿيندڙ پيپلز ٽرين جي ڪامياب آپريشن لاءِ بلوچستان حڪومت پاران 14 ارب روپين جا فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن. جيڪي عوام لاءِ هڪ بهترين تحفو ثابت ٿيندا.











