اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيندڙ اداري ۾ اپ گريڊ ڪرڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي وزيراعظم کي اصولي منظوري لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي. وزارت پاران جاري پريس رليز موجب اربع تي هڪ بيان ۾ جنيد انوار چوڌري چيو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت مڪمل ٿي …
پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيندڙ اداري ۾ اپ گريد ڪرڻ بابت سمري وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي: محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيندڙ اداري ۾ اپ گريڊ ڪرڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم کڻندي وزيراعظم کي اصولي منظوري لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي. وزارت پاران جاري پريس رليز موجب اربع تي هڪ بيان ۾ جنيد انوار چوڌري چيو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ضروري ضابطا جاتي ڪارروائيون به پوريون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته وزيراعظم پاران اصولي منظوري ملڻ کان پوءِ ان سمري کي قانوني جاچ پڙتال لاءِ قانون واري وزارت ڏانهن موڪليو ويندو ۽ ان کان پوءِ ان کي حتمي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينه جي سامهون پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته ڄاڻايل اپ گريڊيشن سامونڊي شعبي کي جديد رخن تي گامزن ڪرڻ ۽ سامونڊي تعليم کي عالمي معيار موجب آڻڻ واري حڪومتي ايجنڊا جو حصو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته مشهور عالمي سامونڊي ادارن سان ڊوئل ڊگري پروگرامز متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن جنهن جو مقصد پاڪستاني ڪيڊٽس کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تعليمي سندون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ، عالمي تعاون کي مضبوط ڪرڻ، ڪيڊٽس کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل سندن سان آراسته ڪرڻ ۽ سامونڊي شعبي ۾ ڪيريئر جا موقعا بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ميرين اڪيڊمي کي ڊگري ڏيڻ جو درجو ملڻ سان سامونڊي تعليم جي معيار ۾ نمايان بهتري ايندي، تعليمي ۽پيشيواراڻي تربيت مستحڪم ٿيندي ۽ اهڙا اعليٰ تعليم يافته جهاز هلائيندڙ سامونڊي معاملن جا ماهر تيار ٿيندا جيڪي قومي ۽ عالمي ميري ٽائيم انڊسٽري جي بدلجندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هوندا. وفاقي وزير چيو ته انهن قدمن سان پاڪستاني شاگردن لاءِ تعليم ۽ ڪيريئر جا موقعا وڌندا ۽ گڏوگڏ شپنگ، بندرگاهن ۽ لاجسٽڪس جي شعبن لاءِ هنرمند افرادي قوت تيار ڪري ملڪ جي بليو اڪانامي (سامونڊي معيشت) جي ڊگهي مدي وارن هدفن جي مڪمل ٿيڻ ۾ به مدد ملندي. ان تجويز ڪيل تبديلي کي هڪ تاريخي سڌارا قرار ڏيندي هن چيو ته ان سان سامونڊي تعليم جو نظام مضبوط ٿيندو ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي سامونڊي افرادي قوت جي جوڙجڪ ۾ مدد ملندي. هن ملڪ جي سامونڊي شعبي جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انساني وسيلن جي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











