اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي …
وزيراعظم پاران سانوڻي جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال لاءِ تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي اڳواٽ اطلاع جي نظام کي مڪمل فعال بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي واري وزارت سان ان حوالي سان تعاون تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.











