اسلام آباد - 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن سول اعزازن جي لاءِ ملندڙ نامزدگين جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سول اعزاز ڏيڻ جو عمل شفاف، منصفاڻو ۽ مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن ماڻهن کي قومي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ سول اعزازن جي لاءِ ملندڙ نامزدگين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن سول اعزازن جي لاءِ ملندڙ نامزدگين جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سول اعزاز ڏيڻ جو عمل شفاف، منصفاڻو ۽ مڪمل طور تي ميرٽ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي ته جيئن انهن ماڻهن کي قومي سطح تي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي جن پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ مستحق پاڪستانين جي ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن کي پڻ مناسب طور تي تسليم ڪيو وڃي ۽ انهن کي انهن جي شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ سول اعزازن سان نوازيو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ، ڪابينا سيڪريٽري، اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن (او پي ايف) ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










