اسلام آباد - 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي نيپال لاءِ نامزد سفير عامر خان اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عامر خان کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته واپار، سياحت، تعليم …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي نيپال لاءِ نامزد سفير عامر خان جي ملاقات
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان جي نيپال لاءِ نامزد سفير عامر خان اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عامر خان کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته واپار، سياحت، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏئي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو نيپال جي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ويجهو رابطو قائم ڪندي اقتصادي تعاون جا نوان موقعا ڳولي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پرڏيهي وزارت ۾ ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪاز) جي حيثيت سان عامر خان جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ سندس نئين ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.











