اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. شام/ رات ۾ ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم …
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. شام/ رات ۾ ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته اسلام آباد، پوٽوهار خطي، ڏکڻ پنجاب، اتر بلوچستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد سبي 46، نوڪنڊي، دالبندين 44، تربت، نورپور ٺل، دادو ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ مان گهميل هوائون ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪمزور اولهه وارين هوائن جو سلسلو ملڪ جي اترئين علائقن تي موجود آهي.











