وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل باشليٽ جي ملاقات، عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد - 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي معاهدن تي موثر عملدرآمد ۽ عالمي ترقياتي ايجنڊا تي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل باشليٽ سان ڳالهائي رهيو جنهن …

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي معاهدن تي موثر عملدرآمد ۽ عالمي ترقياتي ايجنڊا تي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل باشليٽ سان ڳالهائي رهيو جنهن اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف مشيل باشليٽ جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي گهڻ رخي تعاون جي فروغ ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي پاسداري، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي معاهدن تي موثر عملدرآمد ۽ گڏيل قومن جي ٽنهي بنيادي ٿنڀن يعني امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ انساني حقن ۾ متوازن اڳڀرائي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عالمي ترقياتي ايجنڊا تي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ عالمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. مشيل باشليٽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي تاريخي ۽ اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ موثر ڪوششن جي پڻ واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں