اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي شهيدن بابت مولانا فضل الرحمان جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي، ته هو ان بيان تي شهيدن جي خاندانن ۽ عوام کان معافي وٺي، اڄ هن وطن لاءِ حياتيون قربان ڪندڙ شهيدن ۽ غازين جي خاندانن سميت 25 ڪروڙ عوام ڏکويل آهي، شهيدن جي ته ڪا به قيمت يا مقابلو نٿو ڪري سگهجي. …
مولانا فضل الرحمان شهيدن جي خاندانن ۽ عوام کان معافي وٺي: محمد حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي شهيدن بابت مولانا فضل الرحمان جي بيان کي افسوسناڪ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي، ته هو ان بيان تي شهيدن جي خاندانن ۽ عوام کان معافي وٺي، اڄ هن وطن لاءِ حياتيون قربان ڪندڙ شهيدن ۽ غازين جي خاندانن سميت 25 ڪروڙ عوام ڏکويل آهي، شهيدن جي ته ڪا به قيمت يا مقابلو نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن سيلري يا ٽيڪس جي ڳالهه آهي ته مان ٽيڻ تي وڌيڪ پگهار ڏيڻ لاءِ تيار اهي ڪو به پنهنجو لخت جگر شهيد ٿيڻ لاءِ موڪلي ڏيکاري. اها ڳالهه هن اڱاري تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. حنيف عباسي چيو ته شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن، انهن جون قربانيون پگهارن يا سهولتن سان نه ٿيون ماپي سگهجن، شهيدن جي قربانين تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اڄ به اسان لاءِ احترام لائق آهي، جڏهن ته شهيدن جي خاندانن جي جذبن جو احترام پوري قوم جي ذميواري آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪلمي طيب جي بنياد تي قائم ٿيو، جڏهن ته دهشتگردي خلاف پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوان پوري قوم جو فخر آهن ۽ قوم کين سلام پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جا شهيد پوري قوم جو فخر آهن ۽ انهن تي آڱر کڻڻ پوري قوم جي جذبن کي مجروح ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته اختلاف راءِ پنهنجي جاءِ تي پر شهيدن جي قربانين کي پگهارن يا ٽيڪس سان ڳنڍڻ درست ناهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا، بلوچستان، ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان تعلق رکندڙ شهيدن وطن جي دفاع لاءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. پاڪستان جي سلامتي ۽ عوام جو تحفظ انهن ئي قربانين جو نتيجو آهي، پاڪ فوج ڪنهن هڪ صوبي جي ناهي پر پوري پاڪستان جي فوج آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ڪشميري قيادت هميشه پاڪستان سان الحاق جي جدوجهد ڪئي. هن قوم تي زور ڀريو ته دهشتگردي خلاف متحد ٿئي.











