سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5600 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ، في تولو 4 لک 24 هزار 136 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5600 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 24 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت 5 هزار 600 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24 هزار 1 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4801 رپين جي …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5600 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 24 هزار 136 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت 5 هزار 600 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24 هزار 1 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4801 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 68 هزار 429 رپين مان گهٽجي 3 لک 63 هزار 628 رپيا ٿي وئي. 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 37 هزار 738 رپين مان گهٽجي 3 لک 33 هزار 337 رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں