نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سارڪ جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور جي ملاقات

اسلام آباد ۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سارڪ جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڪريٽري جنرل جي علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي سارڪ جي عمل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم …

اسلام آباد ۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سارڪ جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڪريٽري جنرل جي علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي سارڪ جي عمل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سارڪ جي منشور جي اصلن جي روشني ۾ تنظيم کي نئين سر متحرڪ ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي ته جيئن علائقائي رابطن، پائيدار ترقي ۽ ڏکڻ ايشيا جي عوام جي گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏئي سگهجي. هن خطي جي بي پناهه آبادياتي ۽ معاشي صلاحيتن کي پڻ اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور سارڪ ۽ ان جي ادارن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت کي ساراهيو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن جي فروغ ۾ پاڪستان جي لاڀائتي ڪردار تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل جي لاءِ سندس ملازمت جي مدي جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ان جي مستقبل جي سمورين ڪوششن جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.