پاڪ فوج جي جوانن جي عظيم قربانين کي پگهار سان ڳنڍڻ مناسب نه آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي جوانن جي عظيم قربانين کي پگهار سان ڳنڍڻ مناسب نه آهي، ان سان شهيدن، انهن جي گهرڀاتين ۽ پوري قوم جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هڪ بيان ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته …

راولپنڊي۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي تازي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي جوانن جي عظيم قربانين کي پگهار سان ڳنڍڻ مناسب نه آهي، ان سان شهيدن، انهن جي گهرڀاتين ۽ پوري قوم جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هڪ بيان ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ملڪ جي دفاع ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سپاهين جون قربانيون حب الوطني، ايمان، فرض شناسي ۽ ايثار جي جذبي جو مظهر آهن، انهن کي مالي معاوضي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته ڪو شخص رڳو پگهار جي لاءِ پنهنجي جان قربان نه ٿو ڪري پر ان جي پٺيان وطن جي محبت، قومي ذميواري ۽ فرض جي ادائيگي جو جذبو هوندو آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان روزانو ملڪي دفاع ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن ۽ انهن ئي قربانين جي ڪري ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام قائم آهي. هن چيو ته شهادت عظيم رتبو آهي جيڪو حب الوطني، ايمان ۽ قرباني جي جذبي سان حاصل ٿئي ٿو، ان کي ڪنهن مالي مفاد سان ڳنڍڻ شهيدن جي عظيم مقام کي گهٽ ڪرڻ جي برابر آهي. سندس چوڻ هو ته شهيدن جي گهرڀاتين جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن ۽ پوري قوم انهن جي صبر ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪري ٿي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي ان جي لاءِ ان کان ذميواراڻي طرز جي ڳالهه ٻولهه جي اميد ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته قومي سلامتي، هٿياربند فوج ۽ شهيدن بابت بيان ڏيڻ وقت انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن جا جذبا مجروح نه ٿين. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن تي فخر ڪري ٿي ۽ انهن جي لازوال قربانين کي سدائين عزت ۽ احترام جي گناهه سان ڏسندي رهندي.