پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ مينگو فيسٽيول منعقد، پاڪستان جي عالمي شهرت يافته انبن جي قسمن، غيرمعمولي معيار ۽ عالمي مقبوليت کي اجاگر ڪيو ويو

اسلام آباد۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ مينگو فيسٽيول جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي عالمي شهرت يافته انبن جي قسمن، غيرمعمولي معيار ۽ عالمي مقبوليت کي اجاگر ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ خاص مهمان جي حيثيت سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ مقرر سفارتي مشنز جا سربراهه ۽ ميمبر، حڪومتي نمائندا …

اسلام آباد۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ مينگو فيسٽيول جو انعقاد ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي عالمي شهرت يافته انبن جي قسمن، غيرمعمولي معيار ۽ عالمي مقبوليت کي اجاگر ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ خاص مهمان جي حيثيت سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ مقرر سفارتي مشنز جا سربراهه ۽ ميمبر، حڪومتي نمائندا ۽ ڪاروباري شخصيتون پڻ موجود هيون. اهو مينگو فيسٽيول پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ ملڪي انبن جي برآمدي صلاحيت کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جو عڪاس هو. پاڪستان جا لذيذ انب نه رڳو پنهنجي منفرد ذائقي پر ملڪ جي مثبت سڃاڻپ کي پڻ سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي رهيا آهن.