راولپنڊي- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري آهي. 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 121 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز پاران خوارجين کي هوائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو …
پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري

مزید خبریں
راولپنڊي- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري آهي. 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 121 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جي فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ موثر ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز پاران خوارجين کي هوائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين دوران وڌيڪ 4 دهشتگردن کي مارڻ جا به اطلاع آهن، آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي تعداد 83 ٿي ويو آهي. 5 جولاءِ کان هن وقت تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ مجموعي طور 121 خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.











