اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته پمز ملڪ جي سڀ کان وڏي ريفرل اسپتال آهي جتي روزانو 7 کان 9 هزار مريض علاج لاءِ ايندا آهن، جڏهن ته مريضن ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندڙن جو مجموعي تعداد 30 اکن 40 هزار تائين پهچي ويندو آهي. اڱاري ڏينهن جاري بيان ۾ صحت واري وزير چيو ته وڏين اسپتالن …
پمز ملڪ جي سڀ کان وڏي ريفرل اسپتال، روزانو 7 کان 9 هزار مريض علاج لاءِ ايندا آهن: وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي، ته پمز ملڪ جي سڀ کان وڏي ريفرل اسپتال آهي جتي روزانو 7 کان 9 هزار مريض علاج لاءِ ايندا آهن، جڏهن ته مريضن ۽ انهن جي سار سنڀال ڪندڙن جو مجموعي تعداد 30 اکن 40 هزار تائين پهچي ويندو آهي. اڱاري ڏينهن جاري بيان ۾ صحت واري وزير چيو ته وڏين اسپتالن تي وڌندڙ دٻاءَ سبب حڪومت اسلام آباد ۾ 28 بنيادي صحت مرڪز کي فعال ۽ جديد بنائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن عام بيمارين جو علاج مقامي سطح تي ممڪن ٿئي ۽ وڏين اسپتالن تي بار گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته پمز ۾ پاڪستان جي پهرين سرڪاري شعبي جي پلسڊ فيلڊ ايبليشن پروگرام ۽ پمز ڪارڊيڪ سينٽر جي اپ گريڊيشن جي پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ ۽ ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ پيشنٽ فيسليٽيشن اسسٽنٽ سروس جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پمز جو ڪارڊيڪ سينٽر جي توسيع تي 7.2 ارب روپيا لاڳت آئي، جڏهن ته وڌيڪ 90 ڪروڙ رپين جي سيڙپڪاري سان ان کي جديد ڪارڊيڪ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪيو ويو آهي جتي مستحق مريضن کي مفت علاج فراهم ڪيو پيو وڃي. ان پروگرام تحت دل جي مرض ۾ مبتلا 4 مريضن جو دنيا جي جديد ترين ڪيٿيٽر ايبليشن ٽيڪنالاجي ذريعي ڪامياب علاج ڪيو ويو. انهن مريضن ۾ اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ مرادن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا.











