پاڪ فوج صرف هڪ ادارو نه پر قوم جو وقار، سلامتي ۽ بقا جي علامت آهي:  پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پاڪ فوج صرف هڪ ادارو ناهي، پر قوم جو وقار، سلامتي ۽ بقا جي علامت آهي. اسان جي پرسڪون ننڊ ۽ آزادي سرحدن تي مقرر جوانن جي قربانين عيوض آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته برف سان ڍڪيل جبلن، ريگستانن …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته پاڪ فوج صرف هڪ ادارو ناهي، پر قوم جو وقار، سلامتي ۽ بقا جي علامت آهي. اسان جي پرسڪون ننڊ ۽ آزادي سرحدن تي مقرر جوانن جي قربانين عيوض آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته برف سان ڍڪيل جبلن، ريگستانن ۽ دهشتگردي خلاف محاذ تي جوانن حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. شهيدن جي رت سان لکيل تاريخ کي ڪنهن سياسي بيان، ٽوڪ يا طنز سان ختم نٿو ڪري سگهجي. عظيم، قربانين جو قدر ڪنهن به صورت گهٽجي نٿو سگهي. هن چيو ته اختلاف راءِ سڀني جو حق، پر وطن جي محافظن جي عزت ۽ شهيدن جي رت جو احترام گڏيل ذميواري آهي، جڏهن به وطن سڏيو، پاڪستان جي سپوتن عملي ثبوت ڏنو. شهيدن جي لازوال قربانين جي عيوض  ئي اڄ پاڪستان جو سبز هلالي پرچم بلند آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري، غازين کي صحت ڏئي ۽ ملڪ کي امن ۽سلامتي جو گهوارو بڻائي.