اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سماجي تحفظ، خانداني ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن م ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت کي جلد حتمي صورت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت جي ترجمان مجب وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ۽ ترڪيه جي خانداني ۽ سماجي …
پاڪستان ۽ ترڪيه پاران سماجي تحفظ، خانداني ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن وچ ۾ ايم او يو کي جلد حتمي صورت ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سماجي تحفظ، خانداني ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن م ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت کي جلد حتمي صورت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت جي ترجمان مجب وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ۽ ترڪيه جي خانداني ۽ سماجي خدمتن واري وزير ماهينور اوزدمير گوڪتاش وچ ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ايم او يو کي جلد حتمي صورت ڏيڻ تي ٻنهي ملڪن پاران اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل آهن ۽ ٻئي ملڪ هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن پاڪستان جي سماجي تحفظ جي نظام تي بريفنگ ڏيندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، پاڪستان بيت المال، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ ۽ ٻيا ادارا مستحق طبقن جي ڀلائي ۽ غربت ۾ گهٽتائي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سماجي تحفظ جي شعبي ۾ ترڪيه جي جديد ڊجيٽل نظام، خاندان تي ٻڌل فلاحي ماڊل ۽ معذور ماڻهن جي شموليت جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان بيت المال ۽ ترڪ تعاون ۽ رابطا ايجنسي (ٽيڪا) وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن خاص ڪري رمضان فوڊ پروگرام ۽ سينٽرلائزڊ ڪچن منصوبي کي ٻه طرفي تعاون جو ڪامياب مثال قرار ڏنو. ترڪ وزير ماهينور اوزدمير گوڪتاش پاڪستان جي سماجي تحفظ جي قدمن، خاص ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تعريف ڪندي چيو ته اهو پروگرام مستحق خاندانن جي مدد ۽ عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مفاهمتي يادداشت کي جلد حتمي صورت ڏئي سماجي تحفط، سماجي ڀلائي، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، عملي جي تربيت ۽ بهترين تجربن جي مٽاسٽا ۾ تعاون کي وڌيڪ طاقت وٺائي ويندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ۽ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه ترڪ وزير کي پاڪستاني شال ۽ وزارتي شيلڊ پيش ڪئي جڏهن ته ترڪ وزير به کيس يادگاري تحفو پيش ڪيو.











