درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 13 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 57 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 42 …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 13 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 57 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 42 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 3 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 3 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 27 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 56 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 27 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 70 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 39 هزار 300 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 24 هزار 500 ۽ هيٺانهون وهڪرو 67 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1501.53 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.032 ملين ايڪڙ فوٽ، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1172.40 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.695 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.30 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.274 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں