اسلام آباد ۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽل ادائيگين لاءِ ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪندڙ فعال واپارين جي انگ ۾ هڪ سال ۾ 300 سيڪڙو اضافي تي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته معيشت کي ڪيش ليس نظام تي منتقل ڪرڻ سان پائيدار معاشي ترقي ٿيندي ۽ شفافيت کي فروغ ملندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ڪيش …
وزيراعظم پاران ڊجيٽل ادائيگين لاءِ ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪندڙ فعال واپارين جي انگ ۾ هڪ سال ۾ 300 سيڪڙو اضافي تي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد ۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽل ادائيگين لاءِ ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪندڙ فعال واپارين جي انگ ۾ هڪ سال ۾ 300 سيڪڙو اضافي تي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته معيشت کي ڪيش ليس نظام تي منتقل ڪرڻ سان پائيدار معاشي ترقي ٿيندي ۽ شفافيت کي فروغ ملندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ڪيش ليس معيشت ۽ ڊجيٽل ادائيگين جي فروغ بابت هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير مملڪت بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد، نادرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي معيشت کي ڊجيٽل ادائيگين تي ٻڌل ڪيش ليس معيشت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت کي ڪيش ليس نظام تي منتقل ڪرڻ سان پائيدار معاشي ترقي ٿيندي ۽ شفافيت کي فروغ ملندو. وزيراعظم ڊجيٽل ادائيگين لاءِ ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪندڙ فعال واپارين جي انگ ۾ هڪ سال دوران 300 سيڪڙو اضافو ڪرڻ تي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن واپارين کي ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ڊجيٽل ادائيگي ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته موبائل بينڪنگ ايپ استعمال ڪندڙن جو انگ هڪ سال ۾ 9 ڪروڙ 50 لک مان وڌي 13 ڪروڙ 70 لک ٿيڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي. هن هدايت ڪئي ته بينڪون ۽ مالياتي ادارا ڪيش ليس معيشت کي فروغ ڏيڻ ۾ ڀرپُور ڪردار ادا ڪن ۽ ٻاهرين مُلڪن مان ايندڙ پرڏيهي ناڻي کي 100 سيڪڙو ڊجيٽل ڪيو وڃي. وزيراعظم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ادائيگين کي ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪرڻ جي قدم کي شفاف، تيز ۽ مستحقين لاءِ آسان قرار ڏيندي ان کي ساراهيو. اجلاس کي ڪيش ليس معيشت لاءِ قدمن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن مُوجب جون 2025ع کان جون 2026ع تائين ڊجيٽل ادائيگيون حاصل ڪندڙ واپارين جو انگ 300 سيڪڙو اضافي سان 20 لک 3 هزار ٿي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نادرا جُون 99 سيڪڙو ادائيگيون ڊجيٽلائيز ٿي ويُون آهن ۽ ڪيش ادائيگيون 71 سيڪڙو کان گهٽجي صرف هڪ سيڪڙو تي اچي ويُون آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هڪ ڪروڙ صارفين کي سڀ ادائيگيون ڊجيٽل والٽس ذريعي ڪيون پيون وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت موبائل بينڪنگ ايپ استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ 13 ڪروڙ 70 لک آهي، جولاءِ 2025ع ۽ جون 2026ع دوران 11.9 ارب ڊجيٽل منتقليُون رڪارڊ ڪيُون ويُون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال دوران پرڏيهي ناڻي جي 92 سيڪڙو رقم ڊجيٽل طريقي سان وصول ٿي، ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جاري آهي ۽ حتمي رپورٽ سفارشن سميت نومبر 2026ع ۾ پيش ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان بينڪنگ ايسوسيئيشن ميمبر بينڪن کي راست نظام سميت ڊجيٽل ادائيگين جي فروغ لاءِ هدف ڏنا آهن.











