واشنگٽن۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واشنگٽن ۾ ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن اداري جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سان ملاقات ڪئي جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾، ڪاش پٽيل جو چوڻ هو ته ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ پاڪستاني گهرو وزير جي ميزباني ڪرڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو واشنگٽن ۾ ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو، اداري جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سان ملاقات

مزید خبریں
واشنگٽن۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واشنگٽن ۾ ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي هن اداري جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل سان ملاقات ڪئي جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾، ڪاش پٽيل جو چوڻ هو ته ايف بي آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ پاڪستاني گهرو وزير جي ميزباني ڪرڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، خطي ۾ آمريڪي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ايف بي آءِ سندس تعاون کي دل سان ساراهي ٿي. ملاقات دوران ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ دهشتگردي جي مالي مدد ( ڪائونٽر ٽيررزم فنانسنگ) کي روڪڻ ۾ سائبر جانچ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيلن جي فراهمي ۽ خصوصي تربيت جي سهولت جي فراهمي جي حوالي سان اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪاش پٽيل چيو ته اسان جي ڀائيواري تمام اهم آهي ۽ اسان مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابين جا خواهشمند آهيُون.










