اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. بي آءِ ايس پي مان جاري پڌرائي مطابق اجلاس ۾ انٽيگريٽڊ سوشل پروٽيڪشن ڊولپمنٽ پروگرام، ان جي اضافي مالي معاونت ۽ بي آءِ ايس پي جي صحت ۽ تعليم بابت مشروط روڪ مالي معاونت تحت جاري منصوبن تي …
بي آءِ ايس پي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد جي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي. بي آءِ ايس پي مان جاري پڌرائي مطابق اجلاس ۾ انٽيگريٽڊ سوشل پروٽيڪشن ڊولپمنٽ پروگرام، ان جي اضافي مالي معاونت ۽ بي آءِ ايس پي جي صحت ۽ تعليم بابت مشروط روڪ مالي معاونت تحت جاري منصوبن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پي سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پراڻي ڀائيواري ۽ مسلسل سهڪار کي ساراهيو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بي آءِ ايس پي شفاف، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ۽ جامع سماجي تحفظ جي خدمتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي ڪوششون جاري رکندو. سينيٽر روبينه خالد ڊيٽا سيڪيورٽي، بينظير هنرمند پروگرام ۽ بي آءِ ايس پي جي مشروط روڪ مالي معاونت جي قدمن تحت آگاهي جي سرگرمين ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. اجلاس ۾ پروگرام جي ڊيزائن اينڊ مانيٽرنگ فريم ورڪ، ڊسبرسمنٽ لنڪڊ انڊيڪيٽرز، پروگرام ايڪشن پلان، فني معاوت، رپورٽنگ جي تقاضن، ننڍ ٻارڙين جي غذائيت بابت قدمن ۽ آئنده عملدرآمد جي انتظامن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اي ڊي بي جي وفد، پروگرام تي موثر عملدرآمد ۾ بي آءِ ايس پي جي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پنهنجي تڪنيڪي ۽ مالي سهڪار کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










