اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن سبب مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ، مقامي ۽ برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ مان ايندڙ مضبوط گهِميل هوائون مسلسل ملڪ جي مٿانهين ۽ هٺائين علائقن ۾ داخل ٿي …
مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ، برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته سومر ۽ اڱاري دوران تيز برساتن سبب مٿانهين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ، مقامي ۽ برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي عربي سمنڊ مان ايندڙ مضبوط گهِميل هوائون مسلسل ملڪ جي مٿانهين ۽ هٺائين علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن. ان دوران هڪ اولهه واري لهر به ملڪ جي مختلف حصن تي اثر انداز ٿي رهي آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. (اڄ) اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جي توقع آهي. ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، اتر اوڀر پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، بلوچستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات پئي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي.










