اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي نمائندن ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي مضبوط بنائڻ ۽ تعليم، اقتصادي ترقي ۽ قيادت ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ لاءِ پاليسين کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته عورتن جي ترقي اسلامي دنيا ۾ جامع ترقي ۽ ڊگهي مُدي واري خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي. عورتن بابت نائين او آءِ …
عورتن جي ترقي اسلامي دنيا ۾ جامع ترقي ۽ ڊگهي مُدي واري خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي: عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي نمائندن جو خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي نمائندن ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي مضبوط بنائڻ ۽ تعليم، اقتصادي ترقي ۽ قيادت ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ لاءِ پاليسين کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته عورتن جي ترقي اسلامي دنيا ۾ جامع ترقي ۽ ڊگهي مُدي واري خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي. عورتن بابت نائين او آءِ سي وزاتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عورتن جي ترقي جي تنظيم (ڊبليو ڊي او) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ساره الشورا ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي مضبوط بنائڻ ۽ تعليم، اقتصادي ترقي ۽ قيادت ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ لاءِ پاليسين کي هٿي ڏيڻ لاءِ تنظيم جي ڪوششن تي روشني وڌي. عورتن بابت اٺين او آءِ سي وزاتي ڪانفرنس جي عورتن جي مشاورتي ڪائونسل جي صدر سفير نائله گبر گذريل وزارتي ڪانفرنس کانپوءِ ٿيل اڳڀرائيءَ تي روشني وڌي ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ مضبوط سهڪار ذريعي رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عورتن جي تعليم، معاشي بااختيار بنائڻ ۽ قيادت ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جو مطالبو ڪندي چيو ته عورتن جي ترقي اسلامي دنيا ۾ جامع ترقي ۽ ڊگهي مُدي واري خوشحاليءَ لاءِ ضروري آهي. مصر جي عورتن بابت قومي ڪائونسل جي صدر امل عمار چيو ته قومن جي خوشحالي ماڻهن خاص ڪري عورتن ۾ سيڙپڪاريءَ کان شروع ٿئي ٿي. هن چيو ته جٽادار ترقي ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بنائڻ هڪ جٽادار ضرورت بڻجي چڪي آهي.











