اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ احتجاج ختم ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن، ڪشميرين سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد ڪنداسين ۽ وڌيڪ مراعتون به ڏينداسين. هو سومر ڏينهن هتي هجيره مان قانون ساز اسيمبليءَ جي اڳوڻي اميدوار ڪامران بشر گورسي جي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو …
احتجاج ڪندڙ احتجاج ختم ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن، ڪشميرين سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد ڪنداسين: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ احتجاج ختم ڪري ڳالهين جي ميز تي اچن، ڪشميرين سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد ڪنداسين ۽ وڌيڪ مراعتون به ڏينداسين. هو سومر ڏينهن هتي هجيره مان قانون ساز اسيمبليءَ جي اڳوڻي اميدوار ڪامران بشر گورسي جي مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جي موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. امير مقام چيو ته آزاد ڪشمير ۾ 27 جولاءِ تي چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ووٽ ذريعي ڪشميري عوام پنهنجن نون نمائندن جي چونڊ ڪندو، پوءِ ان جي اسيمبلي فيصلا ڪندي. هن چيو ته ڪجهه ضلعن کان علاوه پوري ڪشمير ۾ احتجاج ناهي، ان تي اسان سندن ٿورائتا آهيون. اسان احتجاج ڪندڙن کي به چئون ٿا ته عوامي حقن لاءِ اسان ساڻن گڏ آهيون، جڏهن ته اهڙي رستي جي چونڊ درست ناهي جتي احتجاج سبب عام ماڻهن کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون. هن چيو ته اسان ڪالعدم ڪميٽيءَ سان معاهدو ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو آهي، اهو سلسلو جاري رهندو، احتجاج ڪندڙ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن ته معاهدي تي عمل ختم ڪيو پيو وڃي جيڪو درست ناهي، عوام کي سستو اٽو ملي ٿو اهو ملندو رهندو، سستي بجلي به ملندي رهندي. هن چيو ته ڪشميرين کي وڌيڪ مراعتون به ڏينداسين، احتجاج مان ڪجهه نه ورندو، ان لاءِ احتجاج ختم ڪريو پوءِ ڳالهيون ڪريو ته ان جو احترام ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان، ڪشمير ۽ فوج جي جتي ڳالهيون ٿين اتي اسان سڀ هڪ آهيون ۽ هڪ رهنداسين. هن چيو ته ڪامران بشير گورسي جي وڏي پارٽيءَ ۾ شموليت تي سندس آجيان ڪريون ٿا، ان کي جائز مقام ڏينداسين. هن چيو ته ڪامران گورسي (ن) ليگ جي اميدوار عامر الطاف سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ ڪاميابي حاصل ڪندو.











