موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير پاران سانوڻي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سانوڻي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ضلعي ۽ يونين سطح تي رابطا وڌيڪ اثرائتا بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ سانوڻي دوران ڪي پي ڪي ۾ محفوظ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفري سهولتن لاءِ قدمن تي زور ڀريو آهي. سومر ڏينهن اين ڊي ايم مان جاري …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سانوڻي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ ضلعي ۽ يونين سطح تي رابطا وڌيڪ اثرائتا بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ سانوڻي دوران ڪي پي ڪي ۾ محفوظ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفري سهولتن لاءِ قدمن تي زور ڀريو آهي. سومر ڏينهن اين ڊي ايم مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم جو ڪي پي ڪي سان سانوڻي 2026ع جي تيارين جو جائزه اجلاس ٿيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين، ڪي پي ڪي جي ڊي جي پي ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪي پي ڪي جي پي ڊي ايم اي سانوڻي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ صوبائي تيارين، هنگامي رٿابندي ۽ وسيلن جي دستيابيءَ تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ٻوڏ واري صورتحال، شهري دريائي ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ گليشيائي ڍنڍن جي ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي سانوڻي ۽ امڪاني خطرن کان بچاءُ لاءِ عوامي آگاهي مهم تي زور ڀريو ويو.

مزید خبریں