راولپنڊي- 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، 5 جولاءِ کان هاڻ تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين ڳجهي اطلاعن جي بنياد تي آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 117 خوارجين کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز طرفان خوارجين کي هوائي ۽ زميني ڪاررواين ذريعي نشانو …
پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري، مجموعي طور تي 117 خوارجين کي ماريو ويو

مزید خبریں
راولپنڊي- 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، 5 جولاءِ کان هاڻ تائين آپريشن شعبان ۽ ٻين ڳجهي اطلاعن جي بنياد تي آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 117 خوارجين کي ماريو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز جون فتنه الخوارج خلاف علائقي ۾ اثرائتيون ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي فورسز طرفان خوارجين کي هوائي ۽ زميني ڪاررواين ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، اثرائتي ڪاررواين جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگرد پنهنجون پناهگاهون ڇڏڻ تي مجبور ٿي ڀڄي رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب خوارجي دهشتگردن جي پناهگاهن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گوله بارود ۽ ٻيو ساز و سامان هٿ ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪاررواين دوران وڌيڪ 3 دهشتگردن کي مارڻ جا اطلاع آهن. آپريشن شعبان ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 79 ٿي ويو آهي. 5 جولاءِ کان هاڻ تائين آپريشن شعبان ۽ ٻي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشنز ۾ مجموعي طور تي 117 خوارجي دهشتگرد مارجي چڪا آهن. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين بلوچستان ۾ آپريشن شعبان جاري رهندو.











