وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران 1931ع جي ڪشمير جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 1931ع جي ڪشمير جي شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. سومر ڏينهن آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي ڪشميري شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي حريت جي لازوال تاريخ لکي، شهيدن جون قربانيون ڪشميرين جي وقار، بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 1931ع جي ڪشمير جي شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. سومر ڏينهن آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي ڪشميري شهيدن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي حريت جي لازوال تاريخ لکي، شهيدن جون قربانيون ڪشميرين جي وقار، بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ سنگِ ميل آهن. هن چيو ته ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم ۽ عسڪري گهيرو پڻ ڪشميري عوام جي پُختي عزم کي نٿو ٽوڙي سگهي، والاريل واديءَ جي آبادياتي ۽ سياسي سُڃاڻپ تبديل ڪرڻ جون ڀارتي ڪوششون عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن والاريل ڪشيمري ۾ جاري ڀارتي ڏاڍ جو فوري نوٽيس وٺن. شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان حڪومت ڪشميري ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن صرف گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلي جي حل سان ئي ممڪن آهي.

مزید خبریں