اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2314.73 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 179927.04 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2314.73 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 179927.04 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 565 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 128 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 335 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 102 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينھن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 2314.73 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 179927.04 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 565 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 128 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 335 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 102 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 845.27 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 35.55 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 726 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 53705.71 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 3382.29 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 253531.92 پوائنٽس تي بند ٿيو.

مزید خبریں