اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پاڪستاني شاگرد جيانت ڪمار کي هارورڊ ڪرمسن بزنس مقابلي ۾ عالمي چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ خاتون اول چيو ته ان ڪاميابي سان شاگرد پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي گرمر اسڪول سان تعلق رکندڙ جيانت ڪمار هارورڊ ڪرمسن …
خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پاران پاڪستاني شاگرد جيانت ڪمار کي هارورڊ ڪرمسن بزنس مقابلي ۾ عالمي چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پاڪستاني شاگرد جيانت ڪمار کي هارورڊ ڪرمسن بزنس مقابلي ۾ عالمي چيمپيئن بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ خاتون اول چيو ته ان ڪاميابي سان شاگرد پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي گرمر اسڪول سان تعلق رکندڙ جيانت ڪمار هارورڊ ڪرمسن بزنس مقابلي ۾ عالمي چيمپيئن جو اعزاز حاصل ڪيو جيڪو دنيا جي معتبر ترين پري ڪاليج بزنس مقابلن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان مقابلي جي ججز ۾ فارچيون 500 ڪمپنين جا اعلى انتظامي عهديدار شامل هوندا آهن. سڄي دنيا جي هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيمن جي وچ ۾ ٿيندڙ ان مقابلي ۾ جتي اڪثر ٽيمون چار ميمبرن تي ٻڌل هيون، جيانت ڪمار اڪيلي شرڪت ڪندي نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي. هو ان مقابلي جي گلوبل فائنل جي لاءِ ڪواليفائي ڪندڙ پهريون پاڪستاني شاگرد بڻجي ويو آهي جنهن کي پاڪستان جي لاءِ هڪ تاريخي اعزاز قرار ڏنو پيو وڃي.











