وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات، والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو

دوحه - 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪري ساڻس والد جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي دورانديش قيادت، مدبراڻي بصيرت ۽ قطر جي غيرمعمولي ترقي سان گڏوگڏ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ سندس قدر جوڳين خدمتن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي …

دوحه – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪري ساڻس والد جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي دورانديش قيادت، مدبراڻي بصيرت ۽ قطر جي غيرمعمولي ترقي سان گڏوگڏ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ سندس قدر جوڳين خدمتن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سومر ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحه پهتو ۽ قطر رياست جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران قطر رياست جي قيادت ۽ عوام سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ مرحوم امير جي والد جي گرمجوشي، شفقت ۽ پراڻي محبت کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس پاڪستان جي ڪيترن ئي يادگار دورن کي پڻ وڏي شدت سان ياد ڪيو. وزيراعظم گهري صدمي جي ان گهڙيءَ ۾ قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. هن قطر جي شاهي خاندان ۽ قطر جي ڀائر عوام جي لاءِ پڻ دعا ڪئي ته الله تعالى انهن کي اهو ناقابل تلافي صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستاني وفد جا ذاتي طور تي دوحه اچي تعزيت ڪرڻ تي ٿورا ادا ڪيا ۽ ان جذبي کي ٻنهي ڀائر ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر قرار ڏنو.

مزید خبریں