اسلام عورتن جي عزت، احترام، حق، تعليم، انصاف ۽ معاشري ۾ سندن اثرائتي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ صرف سماجي ضرورت ناهي پر معاشي ترقي جو اڻٽر شرط، موثر حڪمراني جي ترجيح ۽ پائيدار ترقي جو بنيادي سبب آهي، اسلامي تعاون تنظيم اسان کي هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي اسان پنهنجي گڏيل امنگن کي اجتماعي ۽ موثر قدمن …

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ صرف سماجي ضرورت ناهي پر معاشي ترقي جو اڻٽر شرط، موثر حڪمراني جي ترجيح ۽ پائيدار ترقي جو بنيادي سبب آهي، اسلامي تعاون تنظيم اسان کي هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي اسان پنهنجي گڏيل امنگن کي اجتماعي ۽ موثر قدمن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا. انهن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن او آءِ سي جي عورتن جي نائين وزارتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزيرن، وفدن جي سربراهن، عالمي تنظيمن جي نمائندن ۽ سفارتي ڪور جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير  خطاب ڪندي چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جي عورتن سان سلهاڙيل نائين وزارتي ڪانفرنس جي نمائندن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چوڻ فخر جو سبب ۽ خوشي جي ڳالهه آهي. هن چيو ته اڄ اسان هتي صرف پنهنجي پنهنجي ميمبر ملڪن جي نمائندن جي حيثيت سان گڏ نه ٿيا آهيون پر هڪ گڏيل ويزن جا امين بڻجي گڏ ٿيا آهيون، هڪ اهڙي مستقبل لاءِ جتي هر عورت کي قيادت ڪرڻ، جدت پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دنيا جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جا هڪ جهڙا موقعا حاصل هجن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران مان سمورن معزز وفدن جي دل جي گهرائين سان آجيان ڪيان ٿو. پاڪستان لاءِ اهو فخر جو سبب آهي ته ان کي هن اهم ڪانفرنس جي ميزباني ۽ صدارت جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، اسان ان ذميواري کي عاجزي، احساس ذميواري ۽ ان پختي عزم سان قبول ڪيون ٿا ته او آءِ سي جي سمورن 57 ميمبر ملڪن جي خدمتن، شراڪتداري، شموليت ۽ گڏيل اتفاق راءِ جي جذبي تحت ڪنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي گڏيل جدوجهد جي هڪ نهايت اهم موڙ تي بيٺا آهيون. او آءِ سي جي مختلف ملڪن ۾ عورتون معيشتن کي مضبوط بنائي رهيون آهن، سائسني ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، ادارن کي مستحڪم ڪري رهيون آهن، ڪاروباري دنيا جي قيادت ڪري رهيون آهن، سرڪاري عهدن تي خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن ۽ امن ۽ انساني همدردي جي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته انهن جون ڪاميابيون مضبوط خاندانن، وڌيڪ باصلاحيت معاشرن ۽ خوشحال قومن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون اهن جڏهن ته اسان کي اها حقيقت به تسليم ڪرڻ گهرجي ته اڄ به لکين عورتون ۽ ٻار اهڙين رڪاوٽن کي منهن ڏئي رهيا آهن جيڪي سندن موقعا محدود ڪن ٿا ۽ کين قومي ترقي ۾ پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪردار ادا ڪرڻ کان روڪين ٿا. اسان جي ذميواري صرف انهن حقيقتن جو اعتراف ڪرڻ ناهي پر انهن حالتن کي تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو موضوع او آءِ سي ملڪن ۾ عورتن کي سماجي، معاشي ۽ سياسي طور تي بااختيار بڻائڻ، چئلينجز  ۽ اڳيان جو رستو انتهائي وقت سر، اهم ۽ مستقبل جي رخ جو تعين ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ صرف هڪ سماجي ضرورت ناهي پر معاشي ترقي جو اڻٽر شرط، موثر حڪمراني جي ترجيح ۽ پائيدار ترقي جو بنيادي جز آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪا به قوم ان وقت تائين پنهنجي مڪمل صلاحيتن مان فائدو نٿي کڻي سگهي جيستائين ان جي اڌ آبادي کي تعليم حاصل ڪرڻ، روزگار ڏيڻ، جدت پيدا ڪرڻ ۽ قيادت ڪرڻ جا برابر موقعا نٿا ملن. هن چيو ته اسان جو اصل مقصد انهن سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ آهي جيڪي انهن صلاحيت کي ڪتب آڻڻ کان روڪين ٿيون. اڄ جن قدرن جي روشني ۾ اسان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهيون، انهن جو بنياد اسان جي عظيم اسلامي تعليمات تي آهي.  هن چيو ته اسلام  شروع کان ئي عورتن جي وقار، حقن، تعليم، انصاف ۽ معاشري ۾ سندن موثر ڪردار کي تسليم ڪيو ۽ کين هڪ باعزت ۽ بااختيار حيثيت ڏني. هن چيو ته ڊجيٽل مستقبل اهڙو هئڻ گهرجي جيڪو شموليت ذريعي بڻجي، نه ڪي برابري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي. هن چيو ته او آءِ سي اسان کي هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو جتي اسان پنهنجي گڏيل امنگن کي اجتماعي ۽ موثر قدمن ۾ تبديل ڪري سگهون، عورتن جي ترقي لاءِ او آءِ سي جي پلان آف ايڪشن ۽ ويمنز ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي اهم ڪوششن ذريعي اسان ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون جو هڪ مضبوط فريم ورڪ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ٻئي جي تجربن مان سکندي، ڪامياب عملي نمونن جي مٽاسٽا ڪندي ۽ عالمي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي اسان ترقي جي رفتار کي تيز ڪري سگهون ٿا جڏهن ته پنهنجي قانوني نظام، ثقافتي واڌ ۽ قومي ترجيحن جو مڪمل احترام به برقرار رکي سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان هن صدارت کي ڪنهن اعزاز يا وقار جي علامت نه ٿو سمجهي پر ان کي هڪ اهڙي اهم ذميواري تصور ڪري ٿو، اسان ان ذميواري کي ان عزم سان نڀائينداسين ته سمورن ميمبر ملڪن جي رائين کي غور سان ٻڌون، اتفاق راءِ کي هٿي ڏيون ۽ اسان جي گڏيل امنگن کي اهڙن عملي قدمن ۾ تبديل ڪيون جيڪي پوري اسلامي دنيا جي عورتن جي زندگين ۾ حقيقي ۽ هاڪاري تبديلي آڻين.  ان ڪانفرنس جي حقيقي ڪاميابي صرف منظور ٿيل ٺهرائن يا پڌرنامن سان نه ماپي ويندي پر ان ڳالهه سان جانچي ويندي ته اسان پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ واپس وڃي عورتن لاءِ ڪيترا نوان  موقعا پيدا ڪيون ٿا.  وفاقي وزير چيو ته پاڪستان لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ رڳو هڪ پاليسي مقصد ناهي پر هڪ قومي ترجيح آهي جنهن جي بنياد تي اسان جو آئين، اسان جا اسلامي قدر ۽ اسان جي روشن مستقبل جو ويزن قائم آهي. پاڪستان جو آئين هر شهري کي بنا فرق  برابري، وقار ۽ قانون تحت هڪجهڙو  تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضمانت ڏئي ٿو. انهن ئي اصولن جي روشني ۾ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان عورتن جي حقن، موقعن ۽ قيادت کي هٿي ڏيڻ  لاءِ پنهنجي قانوني، پاليسي ۽ اداره جاتي نظام کي مسلسل مضبوط بڻائي رهيو آهي. انساني حقن واري وزارت، صوبائي حڪومتون، پارليامينٽ، عدليه، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، سول سوسائٽي ۽ عالمي شراڪتدارن سان ويجهي تعاون ذريعي ان عزم کي موثر ۽ عملي قدمن ۾ تبديل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي صدارت جون ذميواريون مڪمل ديانتداري، شفافيت ۽ غير جانبداري سان انجام ڏينداسين، اسان ڳالهين کي هٿي ڏينداسين، اتفاق راءِ پيدا ڪنداسين ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين ته جيئن ان ڪانفرنس جي نتيجن ۽ او آءِ سي جي سمورن ميمبر ملڪن ۾ عورتن جي زندگين ۾ حقيقي ۽ هاڪاري تبديلي جو سبب بڻجون. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ، وومينز ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ سمورن ميمبر ملڪن سان ويجهي تعاون ذريعي اسان تجربن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏينداسين، عملي حصيداري جي حوصلا افزائي ڪنداسين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم کي وڌيڪ اڳيان وڌائينداسين. . اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ اسان وٽ هڪ اهڙو تاريخي موقعو آهي ته اسان اهڙا فيصلا ۽ سفارشون جوڙيون جيڪي او آءِ سي جي اٽڪل 94  ڪروڙ عورتن جي زندگين تي هاڪاري اثر مرتب ڪن جيڪي تنظيم جي ميمبر ملڪن جي مجموعي آبادي جو اٽڪل 49.3  سيڪڙو آهي. اچو ته ان پليٽ فارم کي صرف ڳالهين جي مٽاسٽا تائين محدود نه رکون، پر ان کي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ، پنهنجي واعدن  کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ عورتن کي درپيش باقي رهيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو موثر ذريعو بڻايون. هن ڪانفرنس جي حقيقي ڪاميابي رڳو انهن پڌرنامي  سان نه ٿو ماپي سگهجي جيڪي اسان هتي منظور ڪنداسين، پر ان اڳڀرائي سان جانچي سگهبو جيڪي اسان پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس وڃي حاصل ڪنداسين. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ جو مسلسل تعاون ۽ ڀرپور مدد تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو انهن جي اڻٿڪ ڪوششن، پرڏيهي وزارت  جي پوري ٽيم، انساني حقن واري وزارت جي ٽيم، هن ڪانفرنس جا انتظام ڪندڙن، سمورن معزز مهمانن ۽ اسان جي سمورن شراڪتدارن جو به دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيون ٿا جن جي  خدمتن ۽ تعاون کان سواءِ هن ڪانفرنس جو  ڪامياب بندوبست ممڪن نه هو. هن چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان سڀني کي پاڪستان ۾ خوش آمديد چوان ٿو ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي عورتن سان لاڳاپيل نائين وزارتي ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار  ڪيان ٿو.

مزید خبریں