اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي 1931ع جي شهيدن سميت ڪشمير جي سمورن شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندن قربانيون ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ جو بنياد ۽ ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي جي علامت آهن. يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي شهيدن خوداراديت واري حق …
ڪشمير جي شهيدن خوداراديت واري حق ۽ آزادي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون: محمد حنيف عباسي
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي 1931ع جي شهيدن سميت ڪشمير جي سمورن شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندن قربانيون ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ جو بنياد ۽ ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي جي علامت آهن. يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي شهيدن خوداراديت واري حق ۽ آزادي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز خوداراديت واري حق جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر سطح تي جاري رکندو. هن ڀارت تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪري. هن چيو ته شهداءِ ڪشمير جو رت رائيگان نه ويندو ۽ آزادي جي جدوجهد پنهنجي منطقي انجام تائين ضرور پهچندي. وفاقي وزير چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير اسان کي قرباني، استقامت ۽ حق لاءِ ثابت قدم رهڻ جو درست ڏئي ٿي جڏهن ته پاڪستان ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي برقرار رکندو.











