اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان دي انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبدالباري خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان دوران پاڪستان ۾ ريبيز جي روڪٿام ۽ موثر ڪنٽرول لاءِ قومي سطح تي فوري قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ ريبيز جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ …
قومي صحت واري وفاقي وزير سان دي انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي وفد سان گڏ ملاقات
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان دي انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبدالباري خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان دوران پاڪستان ۾ ريبيز جي روڪٿام ۽ موثر ڪنٽرول لاءِ قومي سطح تي فوري قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ ريبيز جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ريبيز جي نگراني جو ڪو به موثر قومي نظام موجود ناهي جڏهن ته دستياب اندازن موجب هر سال اٽڪل 5 هزار ماڻهو ريبيز سبب حياتيون وڃائي ويهن ٿا جڏهن ته لکين ماڻهو هر سال ڪتن جي چڪ جو شڪار ٿين ٿا. انهن متاثرن ۾ ٻار،ٻهراڙي وارن علائقن جا رهواسي ۽ شهري علائقن جي محروم آبادي جي شرح وڌيڪ آهي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ ريبيز جي وڌندڙ بار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي قومي ريبيز پروينشن اينڊ ڪنٽرول فريم ورڪ جي تياري جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. هن هدايت ڪئي ته ان مقصد لاءِ جلد نيشنل ٽيڪنيڪل ورڪنگ ايڊوائيزري گروپ جوڙيو وڃي جيڪو قومي فريم ورڪ جي تياري جي قيادت ڪندو. هن چيو ته ريبيز هڪ تدارڪ جوڳي بيماري آهي ۽ عوام کي ان کان محفوظ رکڻ لاءِ ملڪ گير آگاهي مهم جي شروعات ڪئي ويندي. هن وزيراعليٰ سنڌ جي قيادت ۾ جاري سڄي صوبي جي ريبيز جي روڪٿام واري مهم جي تعريف ڪئي ۽ دي انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي فني مدد کي قدر جوڳو قرار ڏنو. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتون ۽ فني شراڪتداري گڏيل تعاون سان پاڪستان ۾ ريبيز سبب ٿيندڙ تدارڪ جوڳين فوتگين جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻندي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالباري خان وفاقي وزير کي ”سنڌ آفيشل گائيڊ لائينز فار پروينشن آف هيومن ريبيز (2024ع) پيش ڪئي جيڪي دي انڊس هاسپيٽل اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي فني مدد سان تيار ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير مرحومه پروفيسر نسيم صلاح الدين کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سندس خاندان سان تعزيت ڪئي. هن چيو ته پروفيسر نسيم صلاح الدين جون ريبيز جي روڪٿام ۽ پاڪستان ۾ عوامي صحت کي هٿي وٺائڻ وارين خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.











