”آپريشن شعبان“ ۾ 114 خوارجي دهشتگردن جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي صلاحيتن جو ثبوت آهي: محسن نقوي

اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن شعبان تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ وڌيڪ 5 خوارجين کي مارڻ تي فورسز جي بهادري کي سلام پيش ڪيو. هڪ بيان ۾ محسن نقوي دهشتگردن خلاف موثر زميني ۽ …

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن شعبان تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ وڌيڪ 5 خوارجين کي مارڻ تي فورسز جي بهادري کي سلام پيش ڪيو. هڪ بيان ۾ محسن نقوي دهشتگردن خلاف موثر زميني ۽ هوائي ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته وطن  عزيز مان فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. هن چيو ته بلوچستان جو امن تباهه ڪندڙ وحشي هاڻي عبرت جو نشان بڻجي رهيا آهن. بلوچستان جي ڌرتي تي معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. محسن نقوي چيو ته آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ هن وقت تائين 114 دهشتگردن جو مارجڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسان جا فورسز انتهائي متحرڪ، پروفيشنل ۽ الرٽ آهن.  وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.