وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر روانو

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر روانو ٿي ويو، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف به ساڻس گڏ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪندو ۽ قطر جي اڳوڻي امير مرحوم شيخ حمد بن خليفا آل ثاني جي لاڏاڻي قطر جي امير، …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر روانو ٿي ويو، اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف به ساڻس گڏ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪندو ۽ قطر جي اڳوڻي امير مرحوم شيخ حمد بن خليفا آل ثاني جي لاڏاڻي قطر جي امير، قطري شاهي خاندان ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪندو. وزيراعظم جو هي دورو قطر جي شاهي خاندان، قطري عوام ۽ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.