ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي منصفاڻي موقف ۽ جائز جدوجهد جي پختي حمايت جاري رکنداسين: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته هو يوم شهداءِ ڪشمير تي 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي فائرنگ کي منهن ڏيندي شهادت ماڻيندڙ 22 ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. يوم شهداءِ ڪشمير تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته هن ڏينهن پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان …

اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته هو يوم شهداءِ ڪشمير تي 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي فائرنگ کي منهن ڏيندي شهادت ماڻيندڙ 22 ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. يوم شهداءِ ڪشمير تي ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پيغام ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته هن ڏينهن پاڪستان جي عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي 1931ع جي شهيدن جي عظيم قرباني کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪشميري عوام هاڻي به ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي. اڄ به 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي قابض فوج ڄمون ڪشمير تي پنهنجي ناجائز قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪشميري عوام کي يرغمال بڻائي رکيو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن ڪشميري عوام جي منفرد سڃاڻپ مٽائڻ ۽ کين پنهنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش هئي. انهن قدمن کان پوءِ ڪشميري عوام جي جذبن کي مجروح ڪندي ڀارت يوم شهداءِ ڪشمير جي سرڪاري موڪل جيڪا 1948ع کان هر سال ملهائي ويندي هئي، ان کي ختم ڪري ڇڏيو. ڀارت شهيدن جي مزارن تي روايتي گارڊ آف آنر جي تقريب به بند ڪري ڇڏي. صدر مملڪت چيو ته اڄ اسان 1931ع جي شهيدن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏيندڙ سمورن بي گناهه ڪشميرين جي قربانين کي ياد ڪندي ڀارت تي زور ڀريون ٿا ته هو غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ بربريت فوري طور تي بند ڪري، انساني حقن جي ڀڃڪڙيون ختم ڪري، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، فوجي گهيراءَ ختم ڪري ۽ والاريل علائقي جي آبادي جي شرح کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش کان پاسو ڪري. آصف علي زرداري چيو ته اسان عالمي برادري کان به مطالبو ڪيون ٿا ته هو ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پاسداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل لاءِ انهن سمورن ڪوششن جي حمايت ڪري جيڪي ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب هجن. هن چيو ته اسان الله تعاليٰ کان دعا ٿا ڪيون ته هو ڪشميري شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ ترين مقام عطا فرمائي ۽ اهو ڏينهن جلد ڏيکاري جڏهن ڄمون ڪشمير جو عوام آزاداڻي ۽ پرامن طريقي سان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جي حق کان فائدو کڻي سگهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي منصفاڻي موقف ۽ جائز جدوجهد جي پختي حمايت جاري رکندو.