اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يوم شهداءِ ڪشمير کي ڄمون ڪشمير جي عوام جي عزم، جرئت ۽ پختي استقامت جي علامت قرار ڏيندي چيو آهي ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام پنهنجي جائز حقن ۽ امنگن جي حاصلات لاءِ ثابت قدمي سان جدوجهد جاري رکيو پيو اچي. پاڪستان ڪشميري عوام جي پنهنجي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي حاصلات جي منصفاڻي جدوجهد ۾ …
پاڪستان ڪشمير عوام جي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد ۾ ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يوم شهداءِ ڪشمير کي ڄمون ڪشمير جي عوام جي عزم، جرئت ۽ پختي استقامت جي علامت قرار ڏيندي چيو آهي ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام پنهنجي جائز حقن ۽ امنگن جي حاصلات لاءِ ثابت قدمي سان جدوجهد جاري رکيو پيو اچي. پاڪستان ڪشميري عوام جي پنهنجي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي حاصلات جي منصفاڻي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي سان ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام تي ڀاڙڻ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل تي آهي. سومر ڏينهن يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير هر سال 13 جولاءِ تي انهن 22 ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي جن 1931ع ۾ سري نگر ۾ پرامن مظاهرين تي ڊوگره انتظاميه جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهادت ماڻي. انهن جي عظيم قرباني ڄمون ڪشمير جي عوام ۾ سياسي شعور جي بيداري، وقار، بنيادي حقن ۽ پنهنجي سڃاڻپ جي حاصلات واري جدوجهد ۾ هڪ تاريخ ساز سنگ ميل ثابت ٿي. وزيراعظم چيو ته يوم شهداءِ ڪشمير، ڄمون ڪشمير جي عوام جي عزم، جرئت ۽ پختي استقامت جي علامت به آهي، جنهن نسل در نسل ڪشميري عوام کي انصاف جي حاصلات ۽ پنهنجي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي جدوجهد جاري رکڻ جي تحريڪ ڏني آهي. ان بنيادي حق لاءِ هر قرباني ڏيڻ جو جذبو اڄ به ڄمون ڪشمير جي تاريخي جدوجهد جي رخ جو تعين ڪري رهيو آهي ۽ ان جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ شديد عسڪري گهيراءُ، مسلسل ڏاڍ ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين باوجود ڪشميري عوام جي عزم ۾ ڪو به جهڪاءُ ناهي آيو. هٿ ٺوڪيون گرفتاريون، سياسي اختلاف راءِ کي دٻائڻ، سڌ سماءَ جي ذريعن تي پابنديون لڳائڻ والاريل علائقي جي آبادياتي ۽ سياسي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن کي عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي مختلف ادارن دستاويزي صورت ڏني آهي ۽ انهن جي مذمت ڪئي آهي. ان باوجود ڄمون ڪشمير جي عوام پنهنجي جائز حق ۽ امنگن جي حاصلات لاءِ ثابت قدمي سان جدوجهد جاري رکيو پيو اچي. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي پاڪستان ڄمون ڪشمير جي سمورن شهيدن جي جرئت، استقامت ۽ عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. انهن جون لازوال قربانيون ايندڙ نسلن کي پنهنجي تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي حاصلات جي جدوجهد جاي رکڻ لاءِ هميشه حوصلو ۽ عزم فراهم ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ پنهنجي پختي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اسان ڪشميري عوام کي سندن تبديل نه ٿيندڙ خوداراديت واري حق جي حاصلات جي منصفاڻي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتي سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ۽ جن لاڳاپيل ٺهرائن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تسليم ڪيو آهي بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام تي ڀاڙڻ ڄمون ڪشمير تڪرار جي پرامن حل تي آهي. جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب ئي ممڪن آهي.












