اسلام آباد-13 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 13 جولاءِ 1931ع جي شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندن قربانيون ڪشميري عوام جي انصاف، وقار ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد جو هڪ لازوال مثال آهن. يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته سرينگر سينٽرل جيل ٻاهران شهادت ماڻيندڙ22 ڪشميرين غير معمولي جرئت، استقامت ۽ پنهنجي …
سينيٽ چيئرمين پاران 13 جولاءِ 1931ع جي شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد-13 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 13 جولاءِ 1931ع جي شهداءِ ڪشمير کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندن قربانيون ڪشميري عوام جي انصاف، وقار ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد جو هڪ لازوال مثال آهن. يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته سرينگر سينٽرل جيل ٻاهران شهادت ماڻيندڙ22 ڪشميرين غير معمولي جرئت، استقامت ۽ پنهنجي حقن لاءِ بي مثال عزم جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سندن قربانيون اڄ به نسل در نسل ڪشميري عوام لاءِ حوصلي ۽ عزم جو سرچشمو آهن ۽ سندن جدوجهد جي ياد تازي ڪن ٿيون. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جو پر امن حل گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن مطابق ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ، انصاف جي قيام ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حقن کي حاصل ڪرڻ جي جائز جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.












