صدر آصف علي زرداري پاران واشڪ ضلعي جي علائقي ماشڪيل ۾ معصوم مزدورن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي واشڪ ضلعي جي علائقي ماشڪيل ۾ معصوم مزدورن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري چيو ته معصوم شهرين …

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي واشڪ ضلعي جي علائقي ماشڪيل ۾ معصوم مزدورن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر آصف علي زرداري چيو ته معصوم شهرين ۽ پورهيتن کي نشانو بڻائڻ کليل بربريت آهي، اهڙا بزدلاڻا حملا قوم جي عزم کي پوئتي نه ٿا رکي سگهن، فتنه الهندستان جي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. رياست شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.