لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي ماشڪيل ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن هٿان 5 بيگناهه مزدورن جي قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پر عزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، شهيدن جي پوئنيرن سان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران واشڪ ضلعي جي علائقي ماشڪيل ۾ 5 بيگناهه مزدورن جي قتل جي مذمت
لاهور-12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي ماشڪيل ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن هٿان 5 بيگناهه مزدورن جي قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پر عزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، شهيدن جي پوئنيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته معصوم مزدورن کي نشانو بڻائڻ انتهائي بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته اهڙن انسانيت ڏکائيندڙ ڏوهن ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، فتنه الهندستان جا دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ عزمن لاءِ بي گناهه شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، پر اهڙا بزدلاڻا حملا دهشتگردي خلاف قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ هر شهري جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پر عزم آهن.












