اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايران جي عورتن ۽ خانداني معاملن واري نائب صدر ڊاڪٽر زهره بهروز آذر ملاقات ڪئي. آچر تي جاري بيان موجب ملاقات دوران عورتن جي حقن، او آءِ سي تعاون ۽ گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر زهره بهروز آذر جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي هاڪاري …
انساني حقن بابت وفاقي وزير سان اسلامي جمهوريه ايران جي عورتن ۽ خانداني معاملن واري نائب صدر جي ملاقات
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايران جي عورتن ۽ خانداني معاملن واري نائب صدر ڊاڪٽر زهره بهروز آذر ملاقات ڪئي. آچر تي جاري بيان موجب ملاقات دوران عورتن جي حقن، او آءِ سي تعاون ۽ گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر زهره بهروز آذر جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي هاڪاري سفارتي ڪردار، ٽياڪڙي ۽ سهولتڪاري جي ڪوششن جي تعريف ڪندي پاڪستان جو ٿورو مڃيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران جي تاريخي، مذهبي، ثقافتي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ فلسطين ۽ افغانستان جي عورتن جي مسئلن کي او آءِ سي پليٽ فارم تي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ تي به زور ڀريو. ڊاڪٽر زهره بهروز آذر پاڪستان جي او آءِ سي عورتن بابت وزارتي ڪانفرنس جي ايندڙ ٻن سالن لاءِ چيئرمين شپ سنڀالڻ جي آجيان ڪندي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي موثر ڪردار تي اعتماد جو اظهار ڪيو.












