اعظم نذير تارڙ جي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته ان مقصد جي حاصلات لاءِ اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ مضبوط تعاون اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه آچر تي ويمن ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪونسلر ساره اسماعيل الشوره سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته ان مقصد جي حاصلات لاءِ اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ مضبوط تعاون اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه آچر تي ويمن ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪونسلر ساره اسماعيل الشوره سان ملاقات دوران چئي. وفاقي وزير چيو ته اسلام عورتن کي جامع حقن ۽ باوقار مقام عطا ڪيو آهي. البته مسلم امت جي گڏيل ذميواري آهي ته انهن حقن جو تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان عورتن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي مختلف قدمن کڻي رهيو آهي ته جيئن عورتون سياست، پارليامينٽ ۽ قومي زندگي جي ٻين اهم شعبن ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ويمن ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن وچ ۾ عورتن جي حقن، بااختيار بڻائڻ ۽ او آءِ سي جي ميمبرن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ادره جاتي تعاون جي شعبن ۾ اشتراڪ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تحت سگهه ۾ اضافي، مهارتن ۽ بهترين تجربن جي مٽاسٽا ۽گڏيل قدمن ذريعي عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ ۽ ميمبر ملڪن ۾ عورتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ تعاون کي وسعت ڏني وڃي.

مزید خبریں