صدر پاران قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت ان موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، قطر جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن …

اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت ان موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني، قطر جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن مرحوم حمد بن خليفه آل ثاني جي ڏور رس قيادت، قطر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪيل سندس خدمتن ۽ خطي ۾ امن ۽ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار ڪٽنب، قطر جي حڪومت ۽ برادر عوام کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر عطا ڪري.

مزید خبریں