اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ شديد ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيل تباهي تي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام پاران فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ بنگلاديش …
وزيراعظم پاران بنگلاديش ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ شديد ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيل تباهي تي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام پاران فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي ۽ سمورن متاثر ماڻهن جي سلامتي لاءِ دعاڳو آهيون.










