نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. آچر تي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڌرين تي زور ڀريو ته هو جون 2026ع جي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت موجب ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو رستو اختيار …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون. آچر تي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڌرين تي زور ڀريو ته هو جون 2026ع جي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت موجب ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو رستو اختيار ڪن ۽ تحمل ۽ ضبط جو مظاهرو ڪن. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته تڪرار جي حل ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ ڳالهيون ۽ سفارتڪاري ئي واحد اثرائتو رستو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان پاران پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں