نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان لارڊ عامر سرفراز جي ملاقات، برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. آچر تي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب لارڊ عامر سرفراز خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ نائب وزيراعظم جي مسلسل ۽ فعال ڪردر جي تعريف ڪئي. هن برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان لاڳاپيل معاملن تي به نائب وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ …

اسلام آباد -12 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. آچر تي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب لارڊ عامر سرفراز خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ نائب وزيراعظم جي مسلسل ۽ فعال ڪردر جي تعريف ڪئي. هن برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي سان لاڳاپيل معاملن تي به نائب وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ پناهگيرن کي درپيش اهم مسئلن ۽ پاڪستان ۽ برطانيه ٻنهي ملڪن لاءِ انهن جي تعريف جوڳين خدمتن ۽ ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن برطانيه جي بدلجندڙ سياسي صورتحال به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندر پاڪستاني پناهگير، خاص ڪري لارڊ عامر سرفراز جهڙا مشهور پارليامينٽ ميمبر ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي حيثيت رکن ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني اڳتي به پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ عوامي رابطا، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.

مزید خبریں